رهاڻ هيرن کاڻ 10

رهاڻ هيرن کاڻ 10

رهاڻ هيرن کاڻ 10

رهاڻ هيرن کاڻ 10 (ڪتاب) جلد ڏهون: هيءُ ڪتاب سنڌ جي نامور عالم، اديب، مؤرخ، لوڪ ادب جي پارکو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لوڪ روايتن متعلق ڪيل ڪچهرين تي مشتمل ڪتابي سلسلي جو ڏهون جلد آهي. هن جلد ۾ تاريخ، ڄام نظام الدين جي دؤر ۾ لاشاري قبيلن جو ٺٽي ۾ اچڻ، سبيءَ جي فتح، لاشارين سونڊن جو شهر ٻَڌو، کيئا خان ڪرمتيءَ جي روايت، راميڻ جو ٺٽي ۾ اچڻ، مريد خان ڪرمتيءَ جو مرزا صالح کي مارڻ، سـگهــڙ الله بخـش لاشــاريءَ جـي روايت، طاهر محمد لاشاريءَ جي روايت، کرڙيءَ جي جنگ، زباني روايتن ۾ ڪن قبيلن جي طاقت جا اهڃاڻ، مير علي مراد خيرپوري، ويا سي وينجهار، تذڪرة العاشقين؛ سورهيه صبغة الله شاهه خلاف بنايل بغاوت جو مقدمو ۽ جڙتو شاهد؛ لاڙ جا ٽي وڏا ولي (شيخ حسين عرف پير پٺو، شيخ ريحان ۽ شيخ ڀرڪيو ڪاتيار)؛ محبت جو مقالو؛ سنهون مال: رڍون؛ مند جو مٽجڻ: تر موري لڳڻ؛ لوڪ ادب کي ياد ڪندي؛ ميان نصير محمد جو ساٿي ميان مانجهي سلطان؛ عالم ۽ استاد: ولهاري ميان؛ سنڌ جي درسگاهن جا ڪتبخانا؛ پنهنجا پاڙيسري پکي؛ مقامات سنڌي (گاروڙي نانگ ۽ بلائون)؛ جهاڙون؛ نسب ناما ۽ قبيلا؛ مٺيءَ (ٿر) جي گڍي؛ راڄڻ شاهه ماٽائي؛ راڄن شاهه تي ڪيس ۽ گرفتاري (ضميمو).
هي جلد ڊيمي سائيز جي 146 صفحن تي مشتمل، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شوري، اپريل 2011ع ۾، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ٽيجهي جي موقعي تي ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ان جي قيمت 200 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو